image
image
image
image
image

ايمبل فونٽ بابت

ايمبِل فونٽ پندرھين صديءَ کان سنڌي ٻوليءَ جي عربڪ-پرسو لِپِيءَ جي مختلف نمونن کي چِٽيءَ طرح واضح ڪري ٿو، جيئن سَن 1793ع ۾ ظاھر ٿيل عبدالعظيم عُرف سيد وڏل شاھ جو ترتيب ڏِنل ”شاھ جو گَنج“ ۽ سَن 1866ع ۾ جناب ارنيسٽ ٽرمپ پاران جرمنيءَ مان ظاھر ٿيل ”شاھ جو رِسالو“ ۾ شامل ٿيل ھڙني اکرن کي ھن فونٽ ۾ سُھڻي نموني سان ڏيکاءُ مليل آھي. ھِي فونٽ بُڻيادي طور تي ٽِن ڏيکَن ۾ مِلندو. اداري پاران ھِي فونٽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ لاءِ رکيو ٿو وڃي تہ جيئن ڪتابَن کان ايپليڪيشنن ۽ ويبسائٽن تي پندرھين صديءَ کان سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لکتن کي اکري نموني سان لکيو وڃي.

image
image
image
image
image

فونٽ جا نِرالا اکر

آَ

ڐ

ڎ

ڈ

ژ

ڰ

ں﮽

ٹ

ڤ

ر﮽

ی

فونٽن جون خاصيتون

ايمبل (AMBILE) جا ھيستائين 3 فونٽ موجود آھن جن ۾ ھيٺيون خاصيتون موجود آھن

چِٽِي لکائِي

ٿُلهائي الڳ موجود

ويبسائٽن ۾ لڳائڻ جوڳو

يونيڪوڊ اسٽينڊرڊ مطابق

ڇپائيءَ لائق

گهَڻ ٻوليائِي

image
image
image
image
image

اداري پاران ڀٽائي پيڊيا جو سُڃاڻپِي فونٽ

ڇو تہ ھِي فونٽ پندرھين صديءَ کان سنڌي ٻوليءَ جي عربڪ-پرسو لِپِيءَ جي مختلف نمونن کي چِٽيءَ طرح واضح ڪري ٿو، جيئن سَن 1793ع ۾ ظاھر ٿيل عبدالعظيم عُرف سيد وڏل شاھ جو ترتيب ڏِنل ”شاھ جو گَنج“ ۽ سَن 1866ع ۾ جناب ارنيسٽ ٽرمپ پاران جرمنيءَ مان ظاھر ٿيل ”شاھ جو رِسالو“ ۾ شامل ٿيل ھڙني اکرن کي ھن فونٽ ۾ سُھڻي نموني سان ڏيکاءُ مليل آھي. انڪري ڀٽائي پيڊيا جو ھيءُ ”ايمبل فونٽ“ مُکيہ فونٽ طور رکيل آھي.

image

فونٽ جو ڏيک

ھِتي ٽنهي فونٽن جو ڏيک ڏِجي ٿو، توھان پاڻ پنھنجا اکر لکي آزمائي سگهو ٿا

جديد لِکَت

لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چَئَي، آگمِئو آھي،
اُٺو مِينھُن وَڏَڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھَي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.

ٽرمپ صاحب جي لکت

آکَمِئَوۡ آھٖي لَڰَهَہ پَسُ لَطِيفُ چَوٖي
وُٿهوۡ مِينْهُہ وَڎَپهڙوۡ کَڐھوۡ دھۡں﮽َ کَاھٖي
چهَنَا چهَڎٖي پَٿ پِهوۡ سَمَرَ سَنْبَاھٖي
وِھوۡ مَ لَاھٖي آسِروۡ اَللهَ مَان.

گنج جي لِکَت

لَکَهَ پَسُ لَطِيْفُ چٖيْ آَکَمِئُو آَھٖيْ﮶
اُٽُوْ مِيْهُ وَڎَ ڦُرُوْ ڪَڊُوْ ڌَنَ ڪَاھٖيْ﮶
ڇَنَ ڇَڎٖيْ پَٽِ پَھُوْ سَمَرَ سَڀَاھٖيْ﮶
وِھُوْ مَلَاھٖيْ اٰسِرُوْ اَللهَ مَا﮶

ايمبل سادو

اَولِ اَللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہُ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جَوڙَ جَھانَ جِي.

image
image
image
image
image

عُمومي سوال جواب

گهڻو ڪري پُڇيل سوالَن جا جواب

image
image
image
image
image
image